امر اقبال

امر اقبال

امر اقبال

امر اقبال: نوجوان شاعر امر اقبال جو اصل نالو محمد اقبال ولد الهورايو چنا آهي. هن سنڌ جي نامياري استاد، شاعر ۽ محقق عطامحمد حاميءَ جي ڳوٺ ’سوهو ڪناسرا‘ تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ پهرين اپريل 1974ع تي جنم ورتو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين سينٽ ٿريساز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ تعليم حاصل ڪيائين. گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1991ع ۾ انٽر ڪري، اين. اي. ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، ڪراچيءَ مان 1997ع ۾ بي. اِي (B.E) سول جي ڊگري ورتائين. امر اقبال 1992ع کان شاعري شروع ڪئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ نوجوانن ۾ هڪ پختي شاعر طور اڀري آيو آهي. خاص ڪري غزل، نظم ۽ وائي جي صنف تي عبور رکي ٿو. سندس شاعري سنڌ جي سمورن ادبي پرچن ۾ ڇپجي چڪي آهي. هن جا ٻه شعري مجموعا ”سمنڊ اڪيلو آهي“ (2004ع)، ”اکين مان ٽميل نظم“ (2004ع) ڇپيل آهن ۽ ٽيون مجموعو ”ڇا رکيو آهي امر اقبال ۾“ ڇپائي هيٺ آهي. ان کان سواءِ امر اقبال سچل يادگار ڪميٽي ۽ حامي يادگار ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر آهي. سچل ادبي ڪانفرنس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.


لفظ امر اقبالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو